اڪرم انصاري

اڪرم انصاري

اڪرم انصاري پروفيسر

اڪرم انصاري، پروفيسر: شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ، پروفيسر اڪرم انصاري، پهرين جنوري 1925ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. سندس وڏا ٻورڙيءَ، ضلعي دادوءَ جا رهاڪو هئا. پرائمري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان 1943ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1946ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ 1948ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1946ع کان 1950ع تائين ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. جلد ئي انٽرميڊيئيٽ ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ۽ 1958ع ۾ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهيو. 1973ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ٿيو. انصاري صاحب حيدرآباد تعليمي بورڊ جو چيئرمئن، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي جو چيئرمئن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به ٿي رهيو. آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ٿيو، جتان 1984ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ 31 ڊسمبر 1984ع تي وفات ڪري ويو.
انصاري صاحب کي شاهه لطيف سان عشق هو. انگريزيءَ ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ پيغام تي ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا اٿس. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “Latif and the Modern World” (1970ع)، ’سُر کنڀات ۽ قرآني تعليم‘، “Symbolism in the Poetry of Shah Latif” (1983ع) قابل ذڪر آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.01  عيسوي

، پروفيسر اڪرم انصاري ، پهرين جنوري 1925ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو


1984.12.31  عيسوي

اڪرم انصاري 31 ڊسمبر 1984ع تي وفات ڪري ويو .



ليکڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ترجنيف
اڪرم انصاري پروفيسر
ليکڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون